علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Sunday 3 March 2013

اليگزينڊر گراهم بيل (سائنسدان)



اليگزينڊر گراهم بيل: دنيا جو مڃيل سائنسدان ۽ ٽيليفون جو مؤجد -اليگزينڊر گراهم بيل-، اسڪاٽلئنڊ جي شهر ”ايڊنبرا“ ۾ 3 مارچ 1847ع تي ڄائو. 1858ع ۾ ”ايڊنبرا“ جي رايل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد، 1863ع ۾، ويسٽن هائوس اسڪول ۾ -استاد- ٿيو. بعد ۾ 1866ع ۾ ”سومرسٽ شاير“ ڪاليج ۾ -استاد- جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. -ان- کانسواءِ لنڊن ۾ ٻوڙن جي اسڪول ۾ -استاد- مقرر ٿيو. -ان- دوران لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي تعليم کي پڻ جاري رکيائين. 1870ع ۾ والدين سان گڏ ڪئناڊا ويو ۽ 24 سالن جي عمر ۾ 1873ع ۾ بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي ميبل هبارڊ (Mabel Hubbard) سان سندس پهرين ملاقات ٿي. -ان- دؤران هو ”هارمونڪ ٽيليفون“ جا تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1875ع ۾، ٽيليفون ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. 10 مارچ 1876ع تي هن دنيا جو پهريون ٽيليفون پيغام موڪليو ۽ ساڳئي ئي سال 25 جون تي فلاڊيلفيا (Philadelphia) ۾ ٽيليفون جي نمائش جو اعلان ڪيائين. 9 جولاءِ 1877ع تي ”-بيل- ٽيليفون ڪمپنيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. اليگزينڊر 11 جولاءِ 1877ع تي ”ميبل هبارڊ“ (Mabel Hubbard) سان شادي ڪئي. 1879ع ۾ ”-بيل- ٽيليفون ڪمپنيءَ“ مان استعيفيٰ ڏئي، اسڪاٽلئنڊ جي ”گريناڪ“ شهر ۾ ٻوڙن ٻارڙن لاءِ اسڪول قائم ڪيائين. -ان- کان پوءِ هن 1883ع ۾ واشنگٽن ۾ ٻوڙن جي لاءِ هڪ الڳ اسڪول کوليو. هن 1886ع ۾ ”باديڪ بي“ شهر ۾ ذاتي جڳهه خريد ڪري، هڪ لئبارٽري قائم ڪئي. -آمريڪا- ۾ ٻوڙن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو. -ان- کان سواءِ ”نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ“ ۾ ”سمٿ سونين“ اداري جو صدر پڻ ٿيو. ٽيليفون ذريعي، دنيا کي ”گلوبل نيٽ“ (Globel net) بڻائيندڙ هن عظيم سائنسدان، 75 سالن جي عمر ۾ 2 -آگسٽ- 1922ع ۾ وفات ڪئي.

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔