علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Monday 14 January 2013

وليم ڪونراڊ روئنٽجن (سائنسدان )


ع ۾ فزڪس جي شعبي۾ نوبيل پرائيز حاصل ڪندڙ سائنسدان 1901

وليم ڪونراڊ روئنٽجن

(Wilhelm Conrad Reontgen)
ايڪس ريز جي اتفاقي کوجنا سبب فزڪس جي شعبي ۾ مشهوري ۽ 1901ع ۾ ، پنهنجيءَ ان کوجنا سبب، فزڪس جو پهريون نوبيل پرائيز ماڻيندڙ هي سائنسدان وليم ڪونراڊ روئنٽجن 27 مارچ 1845ع تي، جرمني جي شهر لينيپ (leenp) ۾ ڄائو، پر ھُو نيڌرلينڊ  ۾ پلجي وڏو ٿيو. ھن زيورچ (سئٽزرلينڊ) جي فيڊرل انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي مان 1868 ع ۾ مڪنيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ زيورچ يونيورسٽي مان 1869ع فزڪس ۾  پي ايڇ ڊي (Ph.D) ڪئي.

روئنٽجن جرمني جي ورزبرگ (Wurzbourg) يونيورسٽي ۾ 1868ع کان 1872ع تائين ۽ اسٽراسبرگ
(Strasbourg) يونيورسٽي ۾ 1872ع کان 1874ع تائين،  ليباريٽري اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو، جتي پوء
1874ع  کان وٺي فزڪس پڙھائڻ شروع ڪئي. 1876ع ۾ ھو جرمني جي شهر ھوھنھم ۾ قائم زرعي اڪيڊمي ۾ آيو ۽ 1875ع ۾ واپس اسٽراسبرگ وريو. ھن 1876-79ع دوران  اسٽراسبرگ يونيورسٽي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور فزڪس پڙھائي. ان وقت  1879-88ع دوران گيسن (Giessen) يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور فزڪس پڙھائي.ان وقت تائين 18 تحقيقي مقالا لکي چڪو ھو فزيڪل انسٽيٽوٽ جو ڊائريڪٽر ۽ فزڪس جو پروفيسر رھيو.  1899ع کان 1920ع ۾ رٽائرمينٽ تائين، روئنٽجن ميونخ يونيورسٽي ۾ فزيڪل سائنس انسٽيٽوٽ جو ڊائريڪٽر ۽ فزڪس جو پروفيسر رهيو.
8 نومبر 1895 ع اهو تاريخي ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هنُ اتفاقي طور اهي ڪرڻا کوجي ورتا، جيڪي ان کان اڳ  اڻڃاتل هئا، جنهنڪري هُن انهن ڪرڻن کي "ايڪس ريز" (X-rays) نالو ڏنو، تنهن وقت هُو
ڪُروڪس(Crookes) ٽيوب [شيشي جو ٺهيل، پر هوا کان خالي  ٽيوب، جنهن ۾ اليڪٽوڊوس ٿين] ۾ نڪرندڙ  ڪئٿوڊ  ڪرڻن تي تجربا ڪري رهيو هو. جيڪي تيز رفتاراليڪٽرانن جا ٿين ٿا. ايڪس ريز کي  پوءِ روئنٽجن جي مڃتا ۾، "روئنٽجن ريز"  پڻ سڏيو ويو، پر عام نالو ايڪس ريز ئي مشهور ٿيو. هن ايڪس ريز کي  پنهنجين آڱرين  جي هڏن مان پڻ تجربي لاءِ  گذاريو ۽ ڏٺو ته ماس جي ڀيٽ ۾ ايڪس ريز هڏن ۾ جذب ٿين ٿا. ۽ فوٽوگرافڪ پليٽ تي چٽو عڪس ڇڏن ٿا، جنهن کان پوءِ ھن طب جي شعبي ۾ ايڪس ريز جي  استعمال لاءِ اپاءُ ورتا . تنهن کانسواءَ روئنٽجن پنهنجين  کوجنائن  مان مالي فائدا  حاصل ڪرڻ بدران  سڀني جي ڀلي لاء ميسر ڪري ڏنو  ۽ انهن جا حق واسطا وٺڻ کان نابري واري. 23 جنوري 1896ع تي هن ايڪس ريز هڪ مفصل ليڪچر ڏنو،  جنهن کان پوءِ اهي ڪرڻا  وڌيڪ مقبول ۽ مشهور  ٿيڻ لڳا. روئنٽجن ٽن سائنسي مقالن ۾ ايڪس ريز جا ڪيترائي بنيادي قانون بيان  ڪيا، جيڪي 1895ع  1856ع ۽  1897ع ۾ ڇپيا. ايڪس ريز واري انهيءَ ڪارائتي کوجناسبب ٿيل مشهوريءَ،  1876ع کان 1895ع تائين، گيسن ۽ ڪرسٽل مادن تي ڪيل هن جي اهم اڀياسن کي پڻ ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو،  جڏهن نوبيل انعام لاءِ،  فزڪس جي شعبي ۾ نامزدگيون ورتيون ويون، 29 نامزدگين مان 17 ۾  روئنٽجن کي نامزد ويو، جنهن مان سندس مقبوليت اندازو ڪري سگهجي ٿو1872 ع ۾ روئنٽجن جي شادي برٿا لاڊونگ نالي ڇوڪري سان ٿي. کيس ڪو اولاد به نه ٿيو، هن نامور سائنسدان جي وفات 10 فيبروري 1923ع تي ٿي.


سهيڙيندڙ:   علي اصغر سنڌي


 

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔