علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Tuesday 26 February 2013

حضرت سيدنا غوث اعظم پيران پير دستگير عبدالقادر جيلاني



حضرت سيدنا غوث اعظم پيران پير دستگير عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني رضي الله تعاليٰ عنه حضرت سيد مرسلين محمد ڪريم مصطفيٰ ﷺ جن جي اولاد مان آهن ۽ پاڻ ڪريمن جي پاڪيزه سلسلي نسب ۾ هجڻ سبب شاندار حيثيت رکن ٿا،


بغداد واري بادشاهه پير دستگير جون ڪرامتون سڄي دنيا ۾ عام آهن ۽ سندن جي فيض ڪرامات جو پنهنجا ته پنهنجا پر ٻيا به اعتراف ڪن ٿا، پيران پير دستگير سراپا بزرگين ۽ ولين جا سردار آهن، سندن جي نالي مبارڪ سان قادري سلسلو سڄي دنيا ۾ فيض ۽ فيضان جو عظيم سر چشمو آهي، سندس جي شاندار نسب ۽ نسل سبب سنڌ جي گهوٽ ڀٽائي سرڪار پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ ۽ سچل سر مست رحمت الله تعاليٰ عنه پڻ شاعريءَ ۾ ياد ڪيو آهي



هادي مهدي مرشد ميڏا قادريه هي ڪامل،

عارف عبدالحق هر دم، نال مريدان شامل،

مهدي شاهه مربي ميڏا، رهبر راهه ڏسيندا،

حق محقق، مستي مئي دي، بيشڪ او بخشيندا،

شاهه عبيدالله ساڏا خواجه پيران پير،

آل نبي اولاد علي هي حضرت ميران ميران،

ڏاڏا اس دا غوث اعظم، مرشد ڪل اوليا وا،

قدم مبارڪ هو يا تحقق، گردن سڀ سرتاجا،

ڪوئي اور نه سمجهندا مينون آپي اها ظاهر،

الله نور السماوات والارض اوئي منظر ناظر،

ولقد ڪرمنا نبي آدم و حملناهم في البر والبحر،

سچو هرقدم خاطر.

حقيقت جا سڀئي ڀلارا برگذيده نور اعليٰ نور آهن، جنهن شخص ڪنهن به طريقي ۾ بيعت ڪئي، سو اصل منزل مقصود کي پهتو، ڇو ته سڀني جو مطلب ۽ مقصد وصول الله خدا تعاليٰ ڏي پهچڻ جو آهي، فرق فقط رستي جو آهي، جيئن ڪنهن شهر ڏي وڃڻ لاءِ 4 ، 5 رستا هجن، پوءِ جيڪو رستو وٺي وڃي ته ان شهر کي وڃي پهچندو، اهڙي طرح ئي ڪنهن به طريقي متبرڪ ۾ هٿ ارادي جو ڏبو ته منزل مقصود تي وڃي پهچبو، مثلن هڪڙو فانوس آهي، جنهن کي چئني پاسن کان چئن رنگن جا روازا آهن، اڇو، هيڊو، ڳاڙهو، سائو ۽ پوءِ جنهن دروازي مان ڏسبو ته انهيءَ منجهان ڏيئي جي روشنائي پئي ايندي، فقط طرفن ۽ رنگن جو فرق ٿيندو، باقي روشنائي جتان، ڪٿان هڪجهڙائي پئي معلوم ٿيندي، پر ايترو آهي ته جيڪو پاسو زياده صاف، شفاف هوندو، انهيءَ مان زياده روشني تڪليف کان سواءِ پئي ايندي، اهڙي طرح ئي چئني طريقي جو مثال اٿو، قادري، نقشبندي، سهر وردي، چشتي وغيره سڀ طريقا حق جا آهن، پر جيڪڏهن انصاف سان ڏسجي ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته قادري طريقو سڀني طريقن جو اصل ۽ مربي آهي، چشتي ۽ سهروردي ته قادري طريقي جا فرع آهن ۽ انهيءَ منجهان نڪتل آهن، جيئن حضرت شيخ شهاب الدين سهر وردي ۽ حضرت شيخ معين الدين چشتي، اجميري رحمت الله تعاليٰ عنه جن کان اهي ٻئي طريقا نڪتا آهن، سي ٻئي حضرت محبوب سبحاني قطب رباني غوث صمداني سيدنا عبدالقادر جيلاني غوث اعظم جي قدم مبارڪ کان فيض ياب هئا، باقي نقشبندي طريقي جو به سلسلو جيڪڏهن ڏسنداسين ته قادري طريقي ۾ پوي ٿو، جيئن ته حضرت شيخ بايزيد بسطامي جو نقشبندي طريقي جي سلسلي عاليه مان آهي، سو مريد ۽ فيضياب هو، حضرت سيدنا امام محمد جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنه کان ۽ اوهان کي معلوم آهي ته امام جعفري صادق رضي الله تعاليٰ عنه کي فيض الاهي سڀ پنهنجي والد بزرگوار ۽ ڏاڏن عالي کان مليل آهي، ڇو ته اهي 2 1 امام خلق جا سردار پنهنجي جدي امجدن کان پي در پي فيض ياب هوندا هئا، جنهن تي انتها حضرت امام المشارق والمغارب امير المومنين حضرت سيدنا مولا علي مشڪلڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم تائين پهچي ٿي، طريقي قادري جي ابتدا امير المومنين حضرت سيدنا علي المرتضيٰ کان آهي، تيئن وري مربي ۽ مقوي حضرت سلطان اولياءَ محي الدين سيدنا عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني غوث اعظم آهي، جيڪو سڀني ولين جو سردار ۽ دستگير آهي، هو امير و فقير آهي، جنهن جو قدم مبارڪ سڀني ولين جي گردن تي آهي، پوءِ ڇو نه اهو طريقو متبرڪ ۽ ٻين طريقن تي فڪر ڪري ۽ ڇو نه خدا تعاليٰ جل شانه جي نعت ڪاملا جو شڪر ادا ڪري ۽ ڇو نه انهيءَ طريقي جو مريد منزل مقصود کي ٻين کان اڳئين پهچي، جنهن جا اهڙا رهبر فياض دستگير آهن.

خدا ڪي فضل سي هم پر سايا غوث اعظم دا،

همين دونون جهان ۾ هي سهارا غوث اعظم دا.

غوث اعظم پيران پير دستگير سيدنا عبدالقادر جيلاني رضي الله تعاليٰ عنه حسني ۽ حسيني آهن، جيئن ته والد ماجد جي طرفان حسني آهن ۽ والده ماجده جي طرفان حسيني آهن، سندن شجرو مبارڪ غوث اعظم محبوب سبحاني ابو محمد شيخ عبدالقادر جيلاني بن سيد ابو صالح سيد موسيٰ بن سيد عبدالله بن سيد عمر زاهد بن سيد محمد روحي بن سيد دائود بن سيد موسيٰ ثاني بن سيد عبدالله ثاني بن سيد موسيٰ ثالث بن سيد عبدالله محسن بن سيد محمد مشهود حسن مثنيٰ بن امام حسن بن اسد الله الغالب علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجهه الڪريم ۽ سندن والده ماجده جو شجرو مبارڪ آهي، حضرت بيبي طاهره، حضرت بيبي فاطمه الثاني بنت شيخ عبدالله صومعي بن سيد ابوالجمال بن سيد محمد بن سيد احمد بن سيد طاهر بن سيد عبدالله بن سيد ڪمال بن سيد علي بن علاءِ الدين بن سيد محمد بن سيد امام جعفر صادق بن سيد محمد باقر بن سيد علي زين العابدين بن سيد شهداءِ حسين شهيد ڪربلا بن امام المشارق والمغارب حضرت علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندن سلسله عالي يعني سندن پيرن، مرشدن جو شجرو وري هي آهي، سيد غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني قطب رباني مريد هئا، شيخ ابو سعيد مخزومي ۽ شيخ ابو الحسن، شيخ ابوالفرح طرطوسي، شيخ عبدالواحد شيخ ابوبڪر شبلي، حضرت جنيد بغدادي شيخ سهري سقطي حضرت شيخ معروف ڪرخي حضرت شيخ دائود طائي حضرت شيخ حبيب عبدي، حضرت شيخ حسن بصري رضي الله تعاليٰ عنه، حضرت مولا علي مشڪلڪشا ڪرم الله وجهه ڪريم سان وڃي سلسلو ملي ٿو ۽ پاڻ صدين کان انهيءَ عظيم بابرڪت سلسلي جي حوالي سان تمام گهڻيون ڪرامات مشهور آهن ۽ پيرن جي پير لجپال دستگير جو شاندار سلسلو سڀني لاءِ عظيم ۽ عالي مرتبت آهي، غوث اعظم پيران پير شيخ سيدنا عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني جيڪي نه صرف انسانن جا پير و مرشد آهن، پر اهي جنن جا پڻ مرشد آهن ۽ روايتن ۾ اها ڳالهه عام آهي ته انهيءَ پير دستگير جي لولي ۽ ٻولي نهايت شفيق ۽ سندن جي محبت جو محور ۽ مرڪز سدائين پنهنجي پياري آقا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڪرامات سان ڀرپور رهيو، ان جي لاءِ قادري سلسلي جا ڪروڙين، اربين، عقيدتمند، مريد ان لاءِ ئي بار بار چون ٿا ته

تيري هاتهه ۾ هاتهه ۾ نه ديا هي

تيري هاتهه هي لاج يا غوث اعظم

بد سهي، چور سهي مجرم و ناڪاره سهي

اي وه کيسا هي سهي هي تو ڪريما تيرا

گو زليل و خوار هو بدڪار و بدڪردار هون

آپ ڪا هو آپ ڪا يا غوث اعظم دستگير

آپ جيسا پير هوتي کيا غرض در در فرون

آپ سي سڀ ڪچهه ملا يا غوث اعظم دستگير

1 comments:

Aftab Soomro لکيو آهي

ادا تمام بهترين

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔