علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Monday 4 March 2013

طبعي جاگرافي (Physical Geography)

سائنس جي شعبي جاگرافيءَ جي نهايت ئي اهم شاخ، طبعي جاگرافي آهي. بنيادي طور، جاگرافي ٻن اهم شاخن ۾ ورهايل آهي: 1. طبعي جاگرافي، ۽ 2. انساني جاگرافي (Human Geography). انهن ٻن اهم شاخن کي وڌيڪ ٻين ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جو جدا جدا مطالعو ڪيو ويندو آهي.
ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ته بنيادي طور جاگرافي آهي ئي طبعي جاگرافي! جيتوڻيڪ مختلف دَورن ۾ جاگرافيءَ جي مستند ۽ متفقه تشريح بابت بحث هلندا رهيا آهن، پوءِ به اڄ تائين هن شعبي جي ڪينواس جون حدون طَي ٿي ناهن سگهيون. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته هي علم به ايترو ئي وسيع آهي جيتري هيءَ ڌرتي وسيع آهي، ڇاڪاڻ ته جاگرافيءَ ۾ ۽ خاص طور طبعي جاگرافيءَ ۾ ته هر ان زميني حصي جو مطالعو ڪيو ويندو آهي جيڪو اسان جي ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي.
طبعي جاگرافيءَ ۾ زمين جي مختلف حصن جي ڏيک ويک (Features) جو مطالعو ڪيو ويندو آهي پر شروعات ۾ اهو بحث هليو ته ڇا طبعي جاگرافيءَ ۾ فقط جبل، نديون، ميدان، ريگستان وغيره شامل ڪجن؟ ان خيال بابت جاگرافيءَ جي ڄاڻن جا مختلف رايا سامهون آيا. ڪن جو خيال هو ته ماڻهو پڻ اسان جي ماحول جو حصو آهن، ان ڪري ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ انهن جو طبعي ماحول سان ڳانڍاپو ان ڳالهه جو دليل آهي ته انهن کي به طبعي جاگرافيءَ جي مطالعي ۾ شامل ڪيو وڃي. جڏهن ته، ٻين جو اهو رايو هو ته طبعي جاگرافي تمام وسيع آهي ۽ فقط زميني حالتن متعلق ئي مطالعي لاءِ هن مان وڌيڪ ٻين ڪيترين ئي شاخن نڪرڻ جي گنجائش آهي، ان ڪري انساني ماحول کي انساني جاگرافيءَ ۾ ئي پڙهيو وڃي.
طبعي جاگرافي نه فقط زميني مٿاڇري، پر زمين جي اندروني حالتن، جوڙجڪ ۽ تبديلين جي باري ۾ پڻ واقفيت ڏي ٿي. مثال طور، زمين جي مٿاڇري تي جيڪي به هيٺ مٿاهيون، جن ۾ جبل، ننڍيون ٽڪريون، واريءَ جون ڀِٽون، کاهيون، چوٽيون، ٻرندڙ جبل، آبشار، سامونڊي ڪنارا، سمنڊ، گاهن جا ميدان ۽ ريگستان وغيره شامل آهن، انهن جو مطالعو طبعي جاگرافيءَ ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر گڏوگڏ زمين جي اندروني حصي جو پڻ مطالعو ڪيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ زمين جي اندروني حالتن بابت ڄاڻ ڏيندڙ هڪ جدا علم جيالاجي (Geology) پڻ آهي، پر مجموعي طور زمين جي اندروني جوڙجڪ جي باري ۾ طبعي جاگرافيءَ ۾ پڻ چڱي معلومات ملي ٿي.
ارضيات (زمين متعلق ڄاڻ ڏيندڙ علم)، جنهن کي جاگرافي، جيالاجي، جيومارفالاجي يا ٻين مختلف نالن ۾ ورهائي تفصيلي طور انهن بابت ڄاڻ حاصل ڪجي ٿي، دراصل هڪ اهڙو وسيع علم آهي جنهن ۾ صدين کان کوجنا ٿيندي رهي آهي ۽ صدين تائين ٿيندي رهندي. هن علم کي ڪنهن به مخصوص دائري ۾ بند نه ٿو ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو لفظ ”جاگرافيءَ“ کي دنيا جي هر خطي ۾ مجموعي اصطلاح (Generalize term) طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
دراصل طبعي جاگرافيءَ جو ڦهلاءُ به ايترو ئي وڌيڪ آهي جيترو ارضيات جو، ڇا لاءِ ته طبعي جاگرافيءَ جو تعلق به جاگرافيءَ جي هر شاخ ۽ هر شعبي سان آهي، مجموعي طور طبعي جاگرافيءَ بابت ان تشريح تي هن وقت هڪ راءِ آهي ته ”هي علم فقط قدرتي ماحول (Natural Environment)، جنهن ۾ زمين، پاڻي، هوا وغيره جو مطالعو ٿئي ٿو، تي ئي مشتمل آهي.“

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔