علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Tuesday 5 March 2013

اسٽالن (شخصيت)


ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي، جيڪو 1953ع ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب مري ويو. هو جارجيا جي گوري شهر ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ ۽ ماءُ موچڪو ڪم ڪندا هئا ۽ طفلس جي هڪ ڪارخاني ۾ هئا. مذهبي پابنديءَ هن ۾ -بغاوت- جو جذبو پيدا ڪيو ۽ 1897ع ۾ هو هڪ درسگاهه Seminery ۾ مارڪسي ٽولي جو اڳواڻ ٿيو. هن جي -باغي-ڪاررواين سبب کيس درسگاهه مان نيڪالي ڏني ويئي هئي. درسگاهه ڇڏي -اسٽالن- طفلس جي رسدگاهه ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪئي، جيتوڻيڪ هن جي مکيه دلچسپي روسي جمهوري مزدور پارٽيءَ ۾ هئي. هو انهيءَ اداري ۾ هڪ پيشه ور فسادي ثابت ٿيو، ميڙ ڪٺا ڪري، طفلس ۽ باطوم ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ڪرايائين ۽ نيٺ پوليس جي وڪڙ ۾ آيو. هن کي باطوم ۾ گرفتار ڪري، قُطيسيءَ جي جيل ۾ هڪ سال لاءِ -بند- رکيائون. 1903ع ۾ هن کي سائبيريا -بدر- ڪيو ويو، جتي هن کي معلوم ٿيو ته پارٽيءَ ۾ منيشيوڪ ۽ بالشيوڪ وڙهي پيا هئا. هو باليشيويڪن جي ڌُر ٿيو. 1904ع ۾ هو جيل مان ڀڄي نڪتو ۽ ڪاڪيزيا ۾ پنهنجون زير زمين ڪارروايون شروع ڪيائين. 1905ع ۾ هو پهريون ڀيرو لينن سان فن لئنڊ ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ مليو. 25 جون 1907ع تي -اسٽالن- هڪ اسٽئٽ -بئنڪ- جي گاڏي تي ڌاڙو هڻايو. 1908ع ۾ هن کي باڪوءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن لاءِ سزا ڏئي وولوگڊا ڏانهن نيڪالي ڏني وئي. هن جي پهرين زال ڪئٿرين، جنهن سان هن 1904ع ۾ شادي ڪئي هئي، سا 1907ع ۾ سلهه وگهي مري وئي ۽ ٻي زال ناديزدا، جنهن سان هن 1906ع ۾ شادي ڪئي، تنهن 1932ع ۾ خودڪشي ڪئي. 1902ع کان 1917ع تائين -اسٽالن- هڪ طوفاني دؤر مان گذريو، جنهن ۾ هو ڪيئي ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ قيد ۾ وڌو ويو، جلاوطن ڪيو ويو ۽ ڪيئي ڀيرا اتان فرار ٿيو. ڪنهن ڪنهن وقت هو انقلابي ادب تي ليک به لکندو هو. 1917ع جي -انقلاب- کان پوءِ هو پيٽروگراڊ ۾ آيو ۽ ڪامينوف سان گڏجي، ”پراودا“ -اخبار- سنڀاليائين، جا پارٽي صحافت جو وڏو هٿيار ۽ -ان- جو سرڪاري آواز هئي. انهيءَ دؤر ۾ هن پنهنجو اصلي نالو زگاشوِلي مٽائي پاڻ تي ”-اسٽالن-“ نالو رکيو يعني ”رُڪ جو ماڻهو“. مئي 1917ع ۾ -اسٽالن- پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽ 1922ع ۾ لينن هن کي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري بڻايو. خانه جنگي (1918ع کان 1920ع تائين) هلندي هن سرخ فوج لاءِ کاڌو ۽ رسد مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو خاص طور -اسٽالن- گراڊ ۾ (جا -ان- وقت زاريسٽن هئي) ڦڙت ۽ اثرائتو هو ۽ جڏهن -ان- تي ”سفيد فوج“ حملو ڪيو، ته هن شهر جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪيو . انهيءَ ئي دؤر ۾ -اسٽالن- ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ جھيڙو شروع ٿيو، جيڪو -ان- وقت جنگجو ڪميسار هو. هن ٽراٽسڪيءَ جي اڪثر فرمانن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن لينن 1924ع ۾ مري ويو ته هن زينوفيف ۽ ڪامينوف سان گڏجي ٽه مورتي ٺاهي ورتي ۽ ٽراٽسڪيءَ ۽ سندس پوئلڳن جي مخالفت ڪئي. پوين ڏينهن ۾ لينن ۽ -اسٽالن- جا تعلقات ڏاڍا ڪشيده ٿي ويا هئا ۽ لينن موت جي بستري تي پنهنجي زال کي وصيت لکرائي ڇڏي ته، ”-اسٽالن- کي يڪدم هٽايو وڃي. هو نهايت کهري طبيعت جو آهي ۽ اها ڳالهه ڪميونسٽن ۾ قابلِ برداشت نه آهي، خاص ڪري انهيءَ ماڻهوءَ وٽ، جو سيڪريٽري جنرل آهي.“ چيو وڃي ٿو ته -اسٽالن-، لينن جي بيوهه جي حمايت سان ، اها وصيت دٻائي ڇڏي. جيتوڻيڪ ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن هو چڱيءَ طرح پير کوڙي چڪو هو، هن انهيءَ وصيت جو ذڪر ڪيو. پوئين ويڙهه -اسٽالن- ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ تڏهن ٿي، جڏهن ٽراٽسڪيءَ انقلابيءَ کي 1927ع ۾ -اسٽالن- خلاف هنگامي ۾ بدلايو. جڏهن هو -ان- ۾ ڪامياب نه ٿيو، تڏهن -اسٽالن- هن کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ستر ميمبرن سان گڏ، پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جنوري 1928ع ۾ ٽراٽسڪيءَ کي جلاوطن ڪيو ويو. -ان- کانپوءِ -اسٽالن- پنهنجي صنعتي ترقيءَ ۽ مجموعيت (Collectivization) جو تصور ڏنو. هن شايد ڀانيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان، يو.-ايس-.-ايس-.-آر- جا اقتصادي بنياد مضبوط ٿيندا، پوءِ -اسٽالن- پنهنجا پراڻا ڪامريڊ، اليڪسي رِڪوف، نڪولائي بخارن، گريگوري زينوفيف ۽ ليو ڪامينوف ۽ ٻيا ڪيترائي ٽراٽسڪيءَ جا ساٿي پارٽي -بدر- ڪيا ۽ ”ماسڪو جي ڪاررواين“ ۾ انهن کي موت جي سزا ڏني. 1939ع ۾ -اسٽالن-، هٽلر سان روس- جرمن پئڪٽ ڪري، دنيا کي ڇرڪائي وڌو. -ان- وقت -اسٽالن- ڏيکاريو ته جرمنيءَ سان ٺاهه، امن لاءِ هن جي استاديءَ جو وڏو ڪارنامو هو، پر هڪ مهيني کان پوءِ ڳالهه ظاهر ٿي پئي، جڏهن -اسٽالن- جي سرخ فوج پولينڊ جو اڌ والاري وئي. -اسٽالن- جا پول وڌيڪ پڌرا ٿي پيا، جڏهن نومبر 1939ع ۾ فنلئنڊ تي سرخ فوج جو حملو ٿيو، ڇو ته فِنش قوم سرحد جي -باري- ۾ -اسٽالن- جون ڪجهه گھرون نه ٿي قبوليون. اِها نجي سامراجي والار هئي. 6 مئي 1941ع تي -اسٽالن- يو.-ايس-.-ايس-.-آر- جو سرڪاري طور سربراهه ۽ پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. پوءِ -ان- کي وزيرن جي ڪائونسل چيو ويو. اها ڳالهه يو.-ايس-.-ايس-.-آر- تي جرمنيءَ جي حملي کان ڪجهه هفتا اڳ ٿي. ٻي جنگ عظيم ۾ -اسٽالن- جي رهنمائي ۽ فولادي ارادي ماسڪو ڏانهن اڳتي وڌندڙ نازي فوج جي خلاف دفاع ڪيو ۽ آخر کين شڪست ڏني. 6 مئي 1943ع تي هن کي فيلڊ مارشل جو خطاب مليو ۽ 27 جون 1945ع تي جنرليسيپو جو خطاب مليو. 1943ع ۾ هو صدر روزويلٽ ۽ وزيراعظم چرچل سان تهران ڪانفرنس ۾ ۽ 1945ع ۾ صدر ٽرومئن ۽ چرچل سان پالٽا گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو. -ان- کانپوءِ -اسٽالن- جي پراڻن اتحادين سان رَوش دشمنيءَ واري ٿي وئي. سوويت اڳرائي ۽ هَلان جيڪا برلن تي ٿي، اها رٿ ۽ راڄنيتي مَتي جو نتيجو هئي ۽ -ان- کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا تي -اتر- ڪوريا جي حمله آوري به ساڳي مصلحت هيٺ ڪئي وئي. 
5 مارچ 1953ع تي -اسٽالن- جي حڪمرانيءَ جو اُڻٽيهون سال پورو ٿيو، جڏهن هن جي دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي ۽ موت هن جون -اکيون- هميشه لاءِ پوري ڇڏيون ۽ هن جيڪي پنهنجي دؤر ۾ ويهارو لک خون ڪيا هئا، اهي کيس ڦٻيا يا نه، اهو ته حساب منڪر نڪير جي وهي کاتي ۾ هوندو، پر پوءِ به هن کي ٿوري وقت لاءِ ڪريملين ۾ قبر نصيب ٿي. هن جي موت کان پوءِ فرسٽ سيڪريٽريءَ نڪيتا ڪروشنچوف هن جي شخصيت پرستيءَ جي پاڙ پٽي ڦٽي ڪئي ۽ 24 فيبروريءَ 1956ع تي هن انهيءَ ظالم آمر تي 1937ع ۾ مرڪزي ڪميٽيءَ جي 133 ميمبرن مان 70 جي قتل، ”پاڪ صاف ڪرڻ واري تحقيقات“ (Purge Trials) ذريعي خونِ ناحق، 1930ع واري زمين، مجموعيت واري ڪارروائيءَ ۾ هزارين قتل، ماسڪو جي گھيراءُ وقت ذاتي بزدليءَ جي مظاهري (جڏهن هو شهر ڇڏي هليو ويو هو) ۽ 1949ع ۾ مارشل ٽيٽو جي برگشتگيءَ ۽ -بغاوت-، انهن سڀني ڳالهين جا علي الاعلان الزام ڏنا. -اسٽالن- جي اِن -بت- شڪنيءَ، يو.-ايس-.-ايس-.-آر- جا بنياد ڪڍي وڌا. پولينڊ ۽ هنگريءَ جي رهواسين -آڪٽوبر- ۾ بلوو ڪيو. هنگريءَ ۾ اڀار کي بي ترسيءَ سان ڪچليو ويو. 1961ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويهين ڪانگريس حڪم ڪيو ته -اسٽالن- جي لاش کي ماسڪو ۾ لينن واري مقبري وٽان ڪڍايو وڃي. -اسٽالن- کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. هن جو وڏو پٽ ياڪوف جرمنيءَ جي قيد خاني ۾ مري ويو ۽ ننڍو پٽ 1962ع ۾ ڪار جي حادثي ۾ مري ويو. هن جي ڌيءَ سئوِتَيلانا 1967ع ۾ يو.-ايس- فرار ٿي وئي، جتي هن جي -آتم ڪهاڻي- ڇپي. -اسٽالن- جي موت کانپوءِ 1991ع ۾ يو. -ايس-. -ايس-. -آر- ٽٽي ۽ -ان- کي گورباچوف جي ”پريسٽرائڪا“ به بچائي نه سگھي.


0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔