ابن
خلدون: ابوزيد عبدالرحمان ولي الدين، -ابن خلدون- تيونس ۾ 1332ع ۾ ڄائو.
قرآن مجيد حفظ ڪرڻ کان پوءِ فقه، حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جون سندون پنهنجي
شهر مان حاصل ڪيائين. تاريخ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ڪري هن جي ڪتاب ”مقدمه -ابن
خلدون-“ کيس وڏي مڃتا ڏني. کيس تاريخ جو -امام- سڏيو ويو.
جوانيءَ ۾ شاهي
درٻار تائين پهتو. جليل القدر عهدن تي فائز رهيو. غرناطه جي -امير- ۽ قشاله
جي حاڪم جي وچ ۾ ٺاهه لاءِ سفير مقرر
ٿيو. بعد ۾ قاهره (مصر) پهتو، جتي به هن کي عزت سان نوازيو ويو. سلطان
برقوق کيس مالڪي مسلڪ جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. آخر ۾ قاهره ۾ ئي 28 رمضان
808هه/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب مقدمه -ابن خلدون- جا ڪجهه
باب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”ڪمال ۽ زوال“ جي نالي سان ڪتاب حڪيم فتح محمد
سيوهاڻيءَ ڇپايو هو. ابن خلدون جي شهرت جو وڏو سبب سندس تاريخ جو فلسفو ۽ سماجياتي نظريا آهن، جيڪي هن پنهنجي مشهور ڪتاب ’مقدمه -ابن خلدون-‘ ۾ قلم -بند- ڪيا آهن. هن ڪتاب جو ترجمو سنڌي، -اردو-، انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي. ٻيا اهم ڪتاب ”البرده“ ”الحساب“ ۽ ”المنطق“ آهن.
0 comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔