علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ
هتي ڪلڪ ڪريو!
Pages
پهريون صحفو
تصويري ڄاڻ
منهنجيون تصويرون
مختلف مواد متعلق ويب لنڪس
منهنجو فيس بڪ پيج
مشهور سنڌي ويب سائيٽ
Monday, 4 March 2013
اسحاق انصاري (اديب)
Posted by
Unknown
اسحاق انصاري: ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر -اسحاق انصاري- 4 مارچ 1960ع تي انيس انصاريءَ جي گهر ۾، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي. سي اسڪول ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪيائين،
تنهن کانپوءِ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان بي. -ايس-. سي ڪري 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. -ايس-. سي (اسٽيٽڪس) فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. جنوري 1990ع ۾ ڪلچرل ايڪسچيج اسڪالرشپ تحت -ان- وقت جي چيڪو سلوواڪيا مان پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ ويو، جتي هن پريان سلووڪ ٻوليءَ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. 1995ع ۾ هو پي. ايڇ. ڊي ڪري واپس وطن وريو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ پروفيسر رهي چڪو آهي ۽ ٽن ٽن سالن تائين ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سينيٽ جو چونڊيل ميمبر رهيو. هن وقت -بئنڪ- آف پاڪستان'>-اسٽيٽ -بئنڪ- آف پاڪستان- ڪراچي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فيڊرل -اردو- يونيورسٽي، زيبسٽ، بزيٽڪ ۽ سي. بي. ايم ادارن جو ريسرچ گائيڊ به آهي. -اسحاق انصاري- جي پهرين لکڻي گل ڦل ۾ 1973ع ۾ شايع ٿي. تنهن کان پوءِ هو مسلسل سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون مقالا ۽ ڪهاڻيون لکندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”خالي بينچ“ (ناول 2000ع)، ”پرين هُن پار“ (سفرنامو: 2008ع) آهن، جڏهن ته 2 ڪتاب اڻ ڇپيل اٿس. -اسحاق انصاري- ادب کان علاوه فوٽوگرافي، راندين ۽ سير سياحت ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وقت تائين هو 24 ملڪن جي سياحت ڪري چڪو آهي، مختلف -بين- الاقوامي سيمينارن، ورڪشاپن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آهي. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.
0 comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
نيون تحريرون
پراڻيون تحريرون
سرِورق
0 comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔