علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Saturday 2 March 2013

اياز شيخ مبارڪ علي (شاعر)

اياز، شيخ مبارڪ علي: جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، -تن- ۾ شيخ -اياز- جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي. -اياز-، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي،
هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، -ان- ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي.
سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’-اياز-‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو هو. شيخ -اياز- جو خاندان -بکراڻي- آهي. شيخ -اياز- ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ -ايس- ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو -ايڊيٽر- به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ -اياز- سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ -اپريل- 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ -اياز- ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ -اياز- شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو، -ان- کان سواءِ’ انجمن -ترقي- پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.
شيخ -اياز- ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ -اياز- شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو.
ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ -اياز- جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، -بهاري لال- ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر -ارجن شاد- ۽ ٻيا ڀارت هليا ويا ۽ ورهاڱي جي هن ڪاري وار شيخ -اياز- جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ -اياز- -اردو- اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس -اردو- شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، -ان- ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن -اردو- شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس -اردو- شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو -ايڊيٽر- ٿيو. جويي صاحب، شيخ -اياز- جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو -اردو- شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي جاري رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ -اياز- جا ڏانهس لکيل خط ۽ -اياز- جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين -اياز-، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. -ان- بعد -اياز- جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ -ٻولي- به اعليٰ درجي جي آهي. -اياز- جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع)
(2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع)
(3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع)
(4). ”-اڪ- جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965ع-ايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ هي ڪتاب ٻيهر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)،
(5). ”ڪي جو -ٻيجل- ٻوليو“ (شاعري: 1970ع)
(6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع)
(7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع)
(8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع)
(9). ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع)
(10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)،
(11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع)
(12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985)
(13). ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ (شاعري: 1985ع)
(14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع)
(15). ”-ڀڳت سنگهه- کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع)
(16). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع)
(17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: جولاءِ 1987ع)
(18). ”-اڪن نيرا ڦليا-“ (شاعري: 1988ع)
(19). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع)
(20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: -اپريل- 1991ع)
(21). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع)
(22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع)
(23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع)
(24). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: 1992ع)
(25). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع)
(26). ”جر ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع)
(27). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع)
(28). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: 1993ع)، (29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع)
(30). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: 1994ع
(31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع)
(32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع)
(33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع)
(34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع)
(35). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: 1995)
(36). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: -آڪٽوبر- 1996ع)
(37). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع)
(38). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: -آگسٽ- 1998ع)
(39). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: 1997ع)
(40). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: 1998ع)
(41). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع)
(42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ شاعري: 1997ع)
(43). ”-اور- -الله- سان'>-اٿي -اور- -الله- سان-“ (شاعري: جنوري 1998ع)
(44). ”-اڳتي قدم-“ (2001ع:شيخ -اياز- -آگسٽ-، سيپٽمبر ۽ -آڪٽوبر- 1947ع ۾ ’-اڳتي قدم-‘ ماهوار جا 3 پرچا ڪڍيا هئا، جن کي گڏ ڪري نئين ترتيب سان محمد ابراهيم جويي 2001ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)
(45). ”جي -تند- برابر توريان“ (ڪهاڻيون: شيخ -اياز- جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان پوءِ‘ عنوان سان ڪهاڻين جي مجموعن ۽ -ان- کان ٻاهر رهجي ويل ڪهاڻيون، -انور- فگار هَڪڙي ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون)
(46). ”پکي ساڳي پار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ:2004ع).
شيخ -اياز- جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ -اياز- جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ -اياز- جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾ -ثقافت- ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جا پهريان ٽي جلد -آگسٽ- 2009ع تائين ڇپجي چڪا آهن، جيڪي تاج جويي ترتيب ڏنا آهن. جن ۾ -اياز- جي شاعريءَ جا 13 ڪتاب اچي ويا آهن، ٻيا جلد تياريءَ هيٺ آهن. سندس -اردو- شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئه دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ -اور- نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعر -احمد سليم- ڪيو، جيڪو پڻ -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- 1976ع ۾ ڇپيو، -اياز- جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن- اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽ -بخشل باغي-”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو.
شيخ -اياز- پنهنجي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا به ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ -بغاوت- جا الزام به هنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. -ان- سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ -اياز- خلاف -باهه- ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”-انڌا اونڌا ويڄ-“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات “ ۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم پٿر ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا.
شيخ -اياز- قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي -بيت- ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به -اياز- ڪيو ۽ -ان- کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، جن ۾ -آزاد نظم-، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس.
سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ -اياز- ئي ماڻي. شيخ -اياز- جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ، -اردو-، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جي -انگريزي- ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا
ٿيا آهن.
1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS. (Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999).
2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ (Translated by: J.M Girglani: 2003).
3. SONGS OF FREEDOM, (Translated by: Saleem Noor Hussain: 2003).
4. ON THE BANK OF INDUS. (Translated by: Professor Latif Noonari: 2006).
نوٽ: J.M Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ -اياز- چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
شيخ -اياز- جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آهي. پهريون دور -ترقي- پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ٻيو دور -بين- الاقواميت، ويدانت يا تصوف جو نمونو پيش ڪري ٿو. اهي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان به جهلڪن ٿا، جو پهرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنهنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رهندو.
جهڙيءَ طرح شيخ -اياز- شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”-اڳتي قدم-“ جو -ايڊيٽر- رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي -اخبار- ’-برسات-‘ جو پڻ -ايڊيٽر- رهيو. -ان- ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽ -اخبار- ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون شاهد آهن.
شيخ -اياز- بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم، -آغا سليم-، -انور- فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻيءَ ڪتاب ڇپرايا آهن، جڏهن ته تاج جويي پڻ هيٺيان چار ڪتاب ڇپايا آهن:
1. ”جر ۾ ٿو جرڪان (1999ع)، (2). ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (2000ع)، (3). ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (2002ع)، ۽ (4). ”آءُ درازا هل“ (2007ع).
شيخ -اياز- ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جهڙي مصروف شهر ۾ انتهائي اڪيلائپ جي ڏکوئيندڙ احساس ۾ گذاريائين. دوستن کان ڌار، دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به آخري دم تائين لکندو رهيو. هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔