علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Friday 15 February 2013

دنيا جي بد صورت ترين عورت جي تدفين


دنيا جي بدصورت ترين عورت طور تي مشهور جوليا پيسٽرانا جي ميت کي 150 سالن کان پوءِ آخر ڪار دفنايو ويو آهي. 19 صدي ۾ جو ليا پيسٽرانا دنيا جي سڀ کان بدصورت عورت نما سڃاڻي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته هن جي منهن تي گھڻائي وار هوندا هئا. اتر آمريڪا جي ملڪ ميڪسيڪو ۾ 1834 ۾ پيدا ٿيندڙ جو ليا جو منهن گھڻي ئي حد تائين ٻاهر نڪتل هيو جنهن بابت هن کي ڀالو عورت به چيو ويندو هو. 1850 جي عمر ۾ جو ليا جي ملاقات هڪ آمريڪي سرڪس جي مالڪ ٿيوڊورلينٽ سان ٿي ۽ ٻنهي شادي ڪئي. هن کان پوءِ جوليالينٽ جي سرڪس ۾ پنهنجو شو پيش ڪندي رهي. 1860 ۾ جوليا پيسٽرانا کي ٻار پيدا ٿيو جنهن جي شڪل به جو ليا جهڙي هئي پر اهو ٻار گھڻن ڏينهن تائين زنده نه رهيو. موت کان پوءِ جوليا جي مڙس هن جي مڙهه کي دفنائڻ باوجود لاش کي ڪيميائي مواد جي سهاري محفوظ رکي پوري دنيا ۾ هن جي نمائش ڪرائي دولت ڪمائيندو رهيو. اهو سفر ناروي ۾ وڃي بيٺو. ناروي ۾ 1974 ۾ هن جي لاش چوري ٿي وئي جنهن کان پوءِ پوليس ڳولهي ورتو. ان کان پوءِ هن جي لاش کي اوسڪو يونيورسٽي ۾ محفوظ رکيو ويو. ايتري سالن کان پوءِ هاڻي جوليا پيسٽرانا قانوني طور تي باقاعده آخري رسمون ادا ڪيون ويون آهن. هن کي اڇي گلابن سان گڏ پوريو ويو آهي. ميڪسيڪو جي شهر سنالوون داليو يا جا ماڻهو هن جي آخري رسم ۾ حصو ورتو. سنالوون جي گورنر ماريو لوپيز چيو توهان ٿورو سوچيو ته جوليا کي ڪيتري ته بيعزتي سَهِڻي پئي هوندي پر هن ان کي منهن ڏنو. هي تمام وڏي ڳالهه آهي. جوليا جي لاش کي واپس آڻڻ لاءِ ميڪسيڪو جي گلوڪار انڊرسن بارباٽا 2005 ۾ ڪوشش شروع ڪئي، جنهن جي ميڪسيڪو حڪومت به حمايت ڪئي هئي. جو ليا پيسٽرانا جي لاش کي واپس ميڪسيڪو آڻڻ جي مهم 7 سالن کان وڌيڪ تائين جاري رهي.
 

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔