علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Tuesday 26 February 2013

اسڪائوٽ تحريڪ جو باني (شخصيت)



اسڪائوٽ تحريڪ جو باني: -اسڪائوٽ تحريڪ جو باني- لارڊ بيڊن پاول 22 فيبروري 1857ع تي هڪ -انگريز- آفيسر جي گهر ۾ -انگلنڊ- ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم حاصل
ڪرڻ کان پوءِ 1874ع ۾ سينيئر ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هن کي 1899ع ۾ آفريڪا ڏانهن موڪليو ويو، ڇو ته اتي آفريڪا جي علائقي مينيجڪنگ ۾ بُوتر نالي قبيلي -بغاوت- ڪئي هئي. هن کي اها -بغاوت- ختم ڪرڻ جو منصوبو سونپيو ويو هو. هن وڏيءَ رٿابنديءَ سان اُن -بغاوت- کي ختم ڪيو. هن اُن لاءِ اتي فوج کي ٽن حصن ۾ ورهايو. پهرئين حصي ۾ جوان فوجي رکيائين، ٻئي حصي ۾ اڌڙوٽ عمر جا فوجي رکيائين ۽ ٽئين حصي ۾ رسد پهچائڻ لاءِ ڪراڙا فوجي ۽ ۽ -ٻار- رکيائين. هڪ ڏينهن باغين لارڊ بيڊن پاول کي گهيري ۾ آڻي، کيس ۽ سندس فوج کي قلعي -بند- ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ جيئن ئي هيءُ سوچ ۽ فڪر ۾ ويٺو هو ته هن ڏٺو ته هڪ ننڍي ڇوڪري باغين جي مورچن مان نڪري اچي، هن کي هڪ فوجي آفيسر جو پيغام پهچايو، جنهن ۾ گهيري ٽوڙڻ جو پلان هو. هن -ان- تي عمل ڪري گهيري کي ٽوڙي وڌو ۽ فوج سان 1901ع ۾ اها -بغاوت- ختم ڪري ڇڏيائين. هن -ان- عمل تي سوچيندي، ٻارن کي باقاعدي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، -انگلنڊ- جي برائون سي جزيري ۾ دنيا جي پهرين اسڪائوٽ ڪئمپ لڳائي. -ان- ۾ فقط 120 اسڪائوٽن شرڪت ڪئي. -ان- کان پوءِ 1908ع ۾ ڪتاب -اسڪائوٽنگ- فار بوائز لکيائين. 1920ع ۾ دنيا جي پهرين اسڪائوٽ جمبوري -انگلنڊ- ۾ لڳي، جنهن ۾ لارڊ بيڊن پاول کي دنيا جو پهريون چيف اسڪائوٽ چونڊيو ويو. هيءُ تاحيات اسڪائوٽ رهيو، ۽ آخر ۾ 83 سالن جي عمر ۾ 8 جنوري 1941ع تي آفريڪا ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو ڪينيا ۾ آهي. (وڌيڪ ڏسو اسڪائوٽنگ).

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔