علي اصغر سنڌي جي بلاگ تي اچڻ لا ڀليڪارِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Tuesday 26 February 2013

اسپين (ملڪ)




اسپين (Spain ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو رينوڊي اسپانا (Kingdom of Spain) آهي، جنهن جو پراڻو نالو اندلس ۽ هسپانيه هو. قديم Hispania مان جديد -اسپين- ڪڍيو ويو آهي. -اسپين- جي معنيٰ آهي: ”سيهڙن/ سَهن جي ڌرتي“.
هي ڏکڻ اولهه يورپ جو خوبصورت ملڪ آهي. هن جي -اتر- ۾ بسڪي نار (Gulf Biscay)، فرانس ۽ اينڊورا، -اوڀر- ۾ رومي سمنڊ، ڏکڻ ۾ رومي سمنڊ ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اولهه ۾ پرتگال ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ آهن. -اسپين-، ٻيٽ نما آئبيريا جي هڪ وڏي حصي تي مشتمل آهي. جبل الطارق سامونڊي گذرگاهه هن کي مراڪش يعني آفريقا کان ڌار ڪري ٿي. -اسپين- جي ڪل پکيڙ 504750 چورس ڪلوميٽر (194833 چورس ميل) ۽ آبادي 4 ڪروڙ آهي. گاديءَ جو هنڌ ميڊرڊ (Madrid) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ پيڪو ڊي ملهسن (بلندي 3482 ميٽر) آهي، هتان جي سرڪاري -ٻولي- اسپيني آهي، جڏهن ته ڪيٽالن، گليشين، باسڪ ۽ اندلس پڻ ڳالهائجن ٿيون. -اسپين- جا وچيان علائقا گرمين ۾ گرم خشڪ ۽ سردين ۾ سرد خشڪ هوندا آهن. -اتر- الهندن علائقن ۾ مينهن پوندو آهي. -اسپين- جي مکيه زرعي پيداوار ڪڻڪ، زيتون، پٽاٽا، -انگور-، کٽو ميوو، ليمون، ڀاڄيون، مڪئي، ڪمند، ناسپاتي آهي، مکيه صنعتن ۾ مشينري، لوهه، ٽيڪسٽائيل، جوتا ٺاهڻ، گاڏيون، جهاز ٺاهڻ، سيمينٽ، ڪاغذ، شراب ماهيگيري ۽ سياحت آهي ۽ مکيه معدنيات ۾ لوهه، ڪوئلو، زنڪ، پيٽروليم، ٽامو، چاندي، لگنائيٽ ۽ يورينيم آهي.
اسپين جي هاڻوڪي علائقي ۾ هڪ لک سال اڳ به ماڻهو -آباد- هئا ۽ هيءُ علائقو سڀيتائن جو ماڳ ليکبو هو. 5000 سال اڳ آئبيرين (Iberian) ماڻهن -اسپين- جي گھڻي حصي کي فتح ڪري ورتو. اهي ڪڙمي ۽ شڪاري ماڻهو هئا. -ان- کانپوءِ فونيشيا، ڪيلٽڪ ۽ يوناني ڪارٿيجن -اسپين- تي قبضو ڪيو. عظيم ڪارٿيجن جنرل هني -بال- -اسپين- کان رومين تي حملو ڪيو. رومين ٻيءَ يونيڪ ويڙهه (218 کان 201 ق. م) ۾ هيني -بال- کي شڪست ڏئي، -اسپين- تي قبضو ڪري مضبوط حڪومت قائم ڪئي. جرمانڪ جي هڪ قبيلي 1476ع ۾ رومي حڪمرانيءَ جو خاتمو آندو. 1808ع ۾ -اسپين- تي نپولين قبضو ڪيو. 25 -اپريل- س1898ع تي -آمريڪا- -اسپين- تي حملو ڪيو ته، جيئن ڪيوبا کي -آزادي- ڏيارجي، جنهن ۾ -اسپين- کي شڪست ٿي ۽ ڪيوبا آزاد ٿي ويو. پهرين عالمي ويڙهه ۽ -اسپين- اڻڌريو رهيو. 1953ع ۾ جنرل فرانڪو -آمريڪا- کي -اسپين- ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ اجازت ڏني. 26 فيبروري 1976ع تي -اسپين-، اسپيني صحرا تي پنهنجو اقتدار ختم ڪيو. جنوري 1980ع ۾ صوبي باسڪ (Basque) کي اندروني خودمختياري ڏني وئي، جتي عرصي کان علحدگيءَ جي تحريڪ هلي پئي. -اسپين- هڪ آئيني بادشاهت آهي، جتي پارلياماني طرز جي حڪومت به قائم آهي، -بادشاهه- رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر -ان- چيف آهي.

0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔